اڪبر نمائي

اڪبر نمائي

اڪبر نظير نمائي

اڪبر ”نظير“ نمائي: اديب، شاعر ۽ تعليمدان سيد غلام اڪبر شاهه جو ادبي نالو اڪبر ”نظير“ نمائي آهي. 16 اپريل 1950ع تي ڳوٺ نِمون يار علي شاهه لڳ اُڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي ۽ ايم. ايڊ ڪري تعليم کاتي سان وابسته ٿيو ۽ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور، 2010ع تائين خدمتون انجام ڏيئي رٽائرڊ ٿيو. سندس تصنيفن ۾: ’تعليمي عمرانيات‘ (1996ع)، ’هالا هيرن کاڻ‘ (1997ع)، ’يا نصيب‘ (شاعري: 1998ع)، ’تعليمي رهنمائي ۽ مشاورت‘ (1999ع) ۽ ’سيد مهدي شاهه نمائيءَ جو ڪلام‘ (ترتيب: 2019ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.04.16  عيسوي

اڪبر ” نظير “ نمائي . 16 اپريل 1950ع تي اُڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو



شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايلڊرڊ پاٽينجر
ڀڳت روپچند
جعفر ميرزا شيرازي مولوي
پير شاهه صفي الله عاشق
جسپتراءِ مل
اڪبر نظير نمائي
ٽريور
پاٽائي شهاب الدين سهروردي
اڪبر جسڪاڻي
جڳو
شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون